Skip to playerSkip to main content
  • 9 years ago
شروعاتي خبر
ڪراچي (9 نومبر 2016ع): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت ۾ ڪراچي پيڪيج بابت وزيراعليٰ هائوس ۾ اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ايڊيشنل چيف سيڪريٽري (ترقيات) محمد وسيم، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري نويد ڪامران بلوچ، پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ڪراچي پيڪيج نياز سومرو ۽ خالد شرڪت ڪئي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي ٻڌايو ويو ته سي ايم هائوس جي اڳيان وارو روڊ، سنڌ سيڪريٽريٽ جي سامهون وارو روڊ، شفيق موڙ تي جاري ڪم نومبر جي آخر تائين مڪمل ٿي ويندو. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته مان مهراڻ هاءِ وي جي جلدي تڪميل چاهيان ٿو. هن هدايت ڪئي ته ڀينس ڪالوني وارن کي پابند ڪيو وڃي ته مهراڻ هاءِ وي جي نيڪاسيءَ واري نظام ۾ چوپائي مال جو ڇيڻو ۽ گند نه اڇلائين. هن چيو ته مهراڻ هاءِ وي جي ڊرينج سسٽم کي به ٺيڪ ڪيو وڃي.

Category

🗞
News
Be the first to comment
Add your comment

Recommended

14:42
Up next
14:44